اسلام آباد

آءِ ايم ايف سان جلد معاهدو ٿي ويندو، پگهارن تي ڊيڊ لاڪ ناهي: ناڻي وزير

ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف سان جلد معاهدو طئي ٿيڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته پگهارن جي معاملي تي ڪا ڊيڊ لاڪ ناهي. سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان غير رسمي گفتگو دوران مفتاح اسماعيل کان سوال ڪيو ويو ته ڇا آءِ ايم ايف 15 سيڪڙو پگهارون وڌائڻ ۽ 12 لک رپين تائين انڪم ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ جو مخالف آهي، جنهن تي هن جواب ڏنو ته آءِ ايم ايف جو پگهارون وڌائڻ سان ڪو واسطو ناهي ۽ 12 لک پگهار تي ڳالهه ٿي ويندي ۽ اسان تحفظ ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته سرندي وارن تي ٽيڪس لڳايو ويندو پر غريب عوام کي ٽيڪس رليف ڏينداسين. مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف سان معاهدي بابت سوال تي چيو اميد آهي ته هڪ ٻه ڏينهن اندر معاهدو ٿي ويندو. هن چيو ته غريب ماڻهن کي رليف ملندو ۽ اميرن تي ٽيڪس هنيو ويندو، دواساز ڪمپنين جا ريفنڊ ايندڙ 4 ڏينهن ۾ ادا ڪرڻ شروع ڪنداسين، جيڪڏهن اهو سلسلو شروع نه ٿيو ته ايندڙ 2 مهينن ۾ پئسا ڪليئر ڪيا ويندا. هن چيو ته فنانس ڪميٽي تجويز ڏني آهي ته 30 ڪروڙ رپين تي ٽيڪس نه هنيو وڃي ۽ 30 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني تي ٽيڪس هنيو وڃي، ڳالهه صحيح آهي پر هن وقت رقم جي وڌيڪ ضرورت آهي. هن چيو ته گذريل سال رڳو 14 کان 15 ڪلوگرام سون قانوني طريقي سان پاڪستان آيو جڏهن ته هر سال 80 ٽن سون ملڪ ۾ اسمگل ٿي رهيو آهي، ڪجهه سونارا اهڙا به آهن، جن جي روزاني ڪروڙين رپين جي آمدني ٿيندي آهي، دڪاندار کان پڇيو ته هن چيو ته روزاني 4 هزار جي سيل ٿيندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button