اسلام آباد

نيب ترميمي بل به واپس: احتساب جو عمل ڪمزور ڪرڻ آئين جي خلاف آهي: صدر

صدر عارف علوي چونڊ ترميمي بل کانپوءِ نيب ترميمي بل 2022 به صحيح ڪرڻ بنا وزيراعظم آفيس کي واپس موڪلي ڇڏيو. صدر جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ موجب ڊاڪٽر عارف علوي نيب آرڊيننس ۾ ترميم جي بل تي صحيحون نه ڪيون. هن چيو ته مان ذاتي طور تي آئين جي پاسداري ڪيان ٿو، اسان کي قرآن ۽ سنت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ سڀني کان وڌيڪ مان الله پاڪ سامهون جوابده آهيان ۽ ان کان معافي جو طلبگار آهيان، تنهن ڪري مون کي تڪليف سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته منهنجو ضمير مون کي ان بل تي صحيح جي اجازت نٿو ڏئي. صدر عارف علوي صحيح بنا بل واپس موڪلڻ سان گڏ وزيراعظم کي هڪ خط به موڪليو آهي، جنهن ۾ هن ان بل کي رجعت پسند قرار ڏنو آهي. سندس موجب ان بل سان قانون جي وڏن هٿن کي مفلوج ڪري بدعنواني کي هٿي حاصل ٿيندي، اهو بل بدعنوان عنصرن لاءِ واضح پيغام آهي ته هو ڪنهن کي به جوابده ناهن، احتساب جي عمل کي ڪمزور ڪرڻ آئين جي خلاف آهي، اهو پاڪستاني عوام جي بنيادي حقن جي به خلاف آهي. هن چيو ته سڄي دنيا جا ملڪ وائيٽ ڪالر ڪرائم تي ضابطي جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، سياسي عنصرن جو ڪارو ناڻو جيڪو ٽيڪس وري، ڏوهه ۽ بدعنواني جي ٻين ذريعن کان حاصل ڪيو وڃي ٿو، ڪو به اهڙو نشان نه ٿو ڇڏي جنهن سان ان جو پتو لڳايو وڃي، ايف اي ٽي ايف به مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ ڏهاڪن کان ڪم ڪري رهي آهي، ان ڪري اسان کي اهڙن معاملن تي اسلامي فقه کان به هدايت وٺڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملزم کي آمدني جي ذريعن بابت ثبوت ڏيڻو هوندو آهي ته ملڪيت يا دولت ڪٿان آئي ۽ ڪيئن حاصل ڪئي؟ نامعلوم ذريعن کان دولت حاصل ڪرڻ پاڪستان ۾ ڏوهه آهي، ترميم سان ان تصور کي ڪمزور ڪري ڪافي حد تائين غيرموثر بڻائي ڇڏيو آهي. اعلى عدليه به ان عام تاثر جي عڪاسي ڪندي چيو آهي ته بدقسمتي سان نيب آرڊيننس لاڳو ڪرڻ ۾ خاميون موجود آهن، اهو قانون به ٻين قانون جيان انتظاميا کي اختيار ڏئي ٿو ته ان جو استعمال طاقتور عنصرن جي سياسي مفادن جي تحفظ جي لاءِ ڪيو وڃي. صدر عارف علوي بل واپسي ڪندي موقف اختيار ڪيو ته پارليامينٽ مان منظور ٿيل بل رجعت پسنداڻو نوعيت جو آهي، جنهن سان قانون جي هٿن کي مفلوج ڪري بدعنواني کي فروغ ڏنو ويندو، ترميمي بل بدعنوان عنصرن جي لاءِ واضح پيغام آهي ته هو ڪنهن کي به جوابده ناهي ۽ بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي ڦرلٽ جاري رکي سگهي ٿو. صدر چيو ته ڪمزور ماڻهو معمولي ڏوهه ۾ به پڪڙيو ويندو، جڏهن ته بااثر بدعنوان عنصرن کي قوم جو رت چوسڻ واري مڪروه عمل جي کلي آزادي ملي ويندي، احتساب جي عمل کي ڪمزور ڪرڻ نه رڳو آئين جي خلاف آهي پر پهرين کان مسئلن ۾ ڦاٿل پاڪستاني عوام جي بنيادي حقن جي به خلاف آهي. هن چيو ته اسان کي ان ڳالهه جي هرگز اميد نه هئي ته گذريل حڪومتن جي ڪوشش تي پاڻي ڦيريو ويندو ۽ احتساب جي عمل کي ناقابل يقين حد تائين ڪمزور بڻايو ويندو. اهو افسوسناڪ آهي ته اداري جي بنيادي ڍانچي ۾ بهتري آڻڻ بدران ڪنهن متبادل نظام جي احتساب جي عمل کي ختم ڪيو وڃي. واضح رهي ته ان کان پهرين صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشن ترميمي بل پڻ صحيح ڪرڻ کان سواءِ واپس ڪري ڇڏيو هو. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظوري بعد بل کي ايڪٽ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پارلياماني معاملن واري وزارت صدر ڏانهن موڪليو هو پر صدر عارف علوي بل تي صحيح نه ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button