اسلام آباد

سينيٽ ڪميٽي ۾ مفتاح اسماعيل ۽ شوڪت ترين ۾ دلچسپ جملا

سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل، اڳوڻو ناڻي وارو وزير ۽ ڪميٽي ميمبر شوڪت ترين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڪميٽي ميمبرن ۽ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي. ڪميٽي ميمبر ناڻي واري وزير کان مطالبو ڪيو ته غريبن تي ٽيڪس هڻڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ڪميٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو ته جيڪڏهن 300 ملين کان مٿي هڪ انگ به ٿئي ٿو ته ان تي سموري ماليت تي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. مفتاح اسماعيل چيو ته اوهان جي ڳالهه ۾ وزن آهي پر پئسي جي تمام گهڻي ضرورت آهي. شوڪت ترين چيو ته توهان غريبن بدران ٻين جا کيسا ڪٽيو، جنهن تي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته اهي به ڪٽينداسين، توهان ڏک نه ڪريو. مفتاح اسماعيل جي جواب تي اجلاس ۾ ٽهڪڙا مچي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button