ڪراچي : وفاقي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل هڪ دفعو ٻيهر ملڪ ۾ مهانگائي جو اعتراف ڪندي چيو ته هن وقت مهانگائي چوٽ تي آهي، ٻوڏ سان گهٽ ۾ گهٽ 10 ارب ڊالر جو نقصان ٿي سگهي ٿو. قوم کي پنهنجن وسيلن اندر رهي گذارو ڪرڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته هلندڙ مالي سال معيشت جي شرح واڌ ساڍا 3 سيڪڙو کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. مهانگائي ملڪي تاريخ ۾ 47 سالن جي بلند ترين سطح تي هلي رهي آهي ۽ هلندڙ مالي سال مهانگائي سراسري 15 سيڪڙو رهندي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ درآمدي ادائيگين کي ڊالر جي آمد جي برابر هئڻ گهرجي پر جيڪڏهن مون وٽ ڊالر محدود آهي ته مان ان سان ڪڻڪ ۽ کاڌي جون شيون خريد ڪندس. هن چيو ته هن صورتحال ۾ اسان لگزري آئيٽمز جي خريداري کي معطل به ڪري سگهون ٿا. لگزري آئٽمز ٻاهران گهرائڻ تي پابنديون ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين برقرار رهي سگهن ٿيون. چاهيان ٿو ته پاڪستان پنهنجي وسيلن ۾ رهي گذارو ڪري، هن سال ۾ ڪجهه نٿو ٿي سگهي. جڏهن ته اسان ان جي شروعات ڪري سگهون ٿا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close