اسلام آباد

آرمي چيف جي مقرري،نواز شريف اتحادي پارٽين جي اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو

مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف ملڪ جي نئين فوجي سربراهه جي مقرري ۽ ٻين معاملن بابت وزيراعظم شهباز شريف سان لنڊن ۾ ڪجهه اهم ملاقاتن بعد وڌيڪ صلاح مشوري لا پي ڊي ايم پارٽين جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اختر مينگل سان فون تي رابطو ڪري خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. هلندڙ مهيني ٿيندڙ اهم مقرري بابت نواز ليگ جي سربراهه اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. نواز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ بي اين پي سربراهه اختر مينگل سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ سياسي صورتحال سميت اهم مقرري جي معاملي تي صلاح مشورا ڪيا. ٽيليفونڪ رابطي دوران تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي قومي سلامتي خلاف بيان بازي تي قانوني ڪارروائي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته عمران خان انتظامي معاملن کي سياست جي ور چاڙهڻ چاهي ٿو، لانگ مارچ عمران خان جو حق آهي پر ملڪ جي سلامتي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ اهم مقرري جي معاملي تي ڪوبه دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو. اڳواڻ ان ڳالهه تي سهمت ٿيا ته عام چونڊن سميت ٻين سياسي فيصلن تي به هڪٻئي سان مشورا ڪيا ويندا. ذريعن موجب ٽيليفونڪ رابطي دوران نواز شريف جو چوڻ هو ته عمران خان هڪ انتظامي معاملي کي پنهنجي سياست جي ور چاڙهڻ چاهي ٿو، ماضي جي روايتن کان هٽي ڪري قانون مطابق نئين مقرري ميرٽ تي شفاف طريقي سان ٿيندي. آصف زرداري جو چوڻ هو ته عمران خان هن مقرري کي تڪراري بڻائي قومي، رياستي ۽ دفاعي ادارن کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو پر اهڙي ڪا به ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button