زراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

ھٽڙي ۽ ڀرپاسي ۾ پپيتي تي موڙھه ۽ رتي جي مرض جو حملو

مسوڀرڳڙي: ھٽڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ پپيتي جي فصل تي موڙھه ۽ رتي جي مرض جو حملو، آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان، زراعت کاتو ننڊ ستل، خبر موجب ھٽڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ پپيتي جي فصل تي موڙھه ۽ رتي جي مرض حملو ڪيو آهي، جنهن سبب پپيتو سڪي ۽ ڪومائجي سڙڻ لڳو آهي، جڏھن ته زراعت کاتو ننڊ ستل آهي.

هتان جي آبادگارن صدام شاھه ۽ ٻين “سنڌ ايڪسپريس” کي ٻڌايو ته اسان پپيتي جي فصل تي لکين روپيه خرچ ڪندا آهيون پر زرعي دوائون غيرمعياري هجڻ جي ڪري فصل ڏينهون ڏينهن پوئتي وڃي رهيو آهي، آبادگار ياسر آرائين ٻڌايو ته پپيتي جو فصل لهڻ جو وقت آيو آھي ته فصل کي موڙھه ۽ رتي جي مرض جي حملي سبب لکين روپين جو نقصان ٿيو آھي. آبادگارن زراعت کاتي سنڌ کان ترت معاملي جو نوٽيس وٺي ٽيمون موڪلي علاج جو مطالبو ڪيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button