رانديون

پي ايس ايل 7 جا سمورا معاملا دير جو شڪار ٿي ويا

پاڪستان سپر ليگ سيزن 7 جا سمورا معاملا دير جو شڪار ٿي ويا آهن، جنهن سبب ايونٽ جون سموريون تاريخون متاثر ٿيڻ جو شڪ ڏيکاريو ويو آهي. ميڊيا مطابق هن مهل تائين پي ايس ايل 7 جي حوالي سان رانديگرن جي ڊرافٽنگ، ٽريڊنگ ۽ ري ٽينشن ۾ اڃا تيزي نھ اچي سگهي ۽ اها دير جو شڪار آهي. جڏهن تھ معاملا دير جو شڪار ٿيڻ سبب هاڻ رانديگرن جي رجسٽريشن 7، 8 بدران 14 ۽ 15 ڊسمبر تي ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. اهڙي ريت ايونٽ جي شروعات بھ 26 جنوري کان اڳتي وڌڻ جو خدشو ڏيکاري ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button