رانديون

سريلنڪا 204 آئوٽ، ويسٽ انڊيز 69 رنسون ٺاهي ورتيون

سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ 204 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي. جڏهن تھ ويسٽ انڊيز بھ هڪ وڪيٽ وڃائي 69 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق ويسٽ انڊيز ۽ سريلنڪا جي ٻئي ڏينهن واري راند برسات سبب وقت کان اڳ روڪي ختم ڪئي وئي. ان کان اڳ سريلنڪا 113 رنسون هڪ آئوٽ تي راند شروع ڪئي تُ بيٽر ڄمي کيڏي نھ سگهيا. سريلنڪا جي بيٽرن مان پيٿم نشانڪا 73، اينگلو ميٿيو 29، اوشاڊا فرنينڊو 18 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن تھ سرنگا لڪمل 12، ڌننجيا ڊي سلوا 2، چيرٿ اسلانڪا 10، دنيش چنديمل 2 اسڪور ڪيو. جڏهن تھ ويسٽ انڊيز جي بالرن ويراسيمي پرمول 5 ۽ جومل ويريڪن 4 وڪٽون ورتيون آهن. ويسٽ انڊيز جا بيٽر ڪريگ براٿويٽ 22 ۽ نڪروما بونر هڪ رنس تي کيڏي رهيا آهن. جرمين بليڪ ووڊ 44 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button