رانديون

بابراعظم پي ايس ايل جي ستين ايڊيشن ۾ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتاني ڪندو

ڪراچي: قومي ٽيم جو ڪپتان بابراعظم پاڪستان سپر ليگ جي ستين ايڊيشن ۾ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتاني ڪندو. ٽوئيٽر تي ڪراچي ڪنگز جي تصديق ٿيل اڪائونٽ تي بابر اعظم جو هڪ وڊيو پيغام شيئر ڪندي مداحن کي ان خبر کان آگاهه ڪيو ويو. ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ويو ته هن ڀيري ڪراچي ڪنگز جي ڪپتاني جي ذميواري قومي ٽيم جو ڪپتان بابراعظم سنڀاليندو.

ان حوالي سان پنهنجي وڊيو پيغام ۾ بابر اعظم جو چوڻ هو ته ڪراچي ڪنگز منهنجي لاءِ هڪ خاندان وانگر آهي، مان گذريل 5 سالن کان ڪراچي ڪنگز طرفان کيڏي رهيو آهيان ۽ هن ڀيري ٽيم ۽ انتظاميا مون تي اعتماد ڪيو ۽ مون کي ڪپتاني جي ذميواري ڏني آهي. هن چيو ته مان هڪ ڪپتان جي حيثيت سان 100 سيڪڙو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس، مون کي جڏهن به ڪا ذميواري ڏني ويندي آهي ته ان کي کڻندو آهيان ۽ ان لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندو آهيان.

بابراعظم چيو ته جنهن طرح عماد وسيم ڪپتان طور ٽيم جي قيادت ڪئي، ڪوشش هوندي ته اها ڪوشش جاري رکان ۽ هن ڀيري به سٺي راند پيش ڪئي وڃي. ياد رهي ته پي ايس ايل جو ستون ايڊيشن ڊسمبر 2022 جي ٻئي هفتي ۾ کيڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button