رانديون

پينگ شوائي جي گم ٿيڻ تي خدشا، چين ۾ ٽينس جا سمورا عالمي ايونٽس معطل

چين جي ٽينس رانديگرياڻي پنيگ شوائي جي گم ٿيڻ واري معاملي تي عورتن جي ٽينس جي عالمي تنظيم خدشن جو اظهار ڪندي چين ۾ رٿيل سمورا عالمي ايونٽس معطل ڪري ڇڏيا آهن. ميڊيا مطابق ويمن ٽينس ايسوسيئيشن چيني رانديگرياڻي جي گم ٿيڻ واري معاملي تي احتجاج طور فيصلو ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان ڊبليو ٽي اي جي سربراهه اسٽيو سائمن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي تھ پينگ شوائي جي آزاد، محفوظ هجڻ ۽ ان کي ڌمڪيون نھ ملڻ وارين ڳالهين تي تمام گهڻا شڪ آهن. هن جو چوڻ هو تھ چين جي قيادت درست نموني جواب ناهي ڏنو، جيڪا صورتحال سنگين آهي. جڏهن تھ طاقتور کي هراسان ڪرڻ جي اجازت نھ ڏينداسين، ڇوتھ نظرانداز ڪرڻ جو مطلب جنسي هراسمينٽ تي غيرسنجيدگي آهي. هن چيو تھ 2022ع ۾ چين ۾ ايونٽ ڪرايو تھ رانديگرياڻين بابت ڳڻتي رهندي، اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي تھ اتي رادنيگر ڪهڙي حالت ۾ کيڏي سگهندا. هن چيو تھ مان ائين ٿيڻ نھ ڏيندس. هن ٻڌايو تھ چين جي قيادت اسان جي آڏو سخت فيصلن بنا ڪو رستو ناهي ڇڏيو. هن چيو تھ چين ۾ معطل ڪيل ايونٽس ۾ هانگ ڪانگ ۾ رٿيل ايونٽ بھ معطل ٿي ويو آهي. ياد رهي تھ پينگ شوائي چين جي اڳوڻي نائب وزيراعظم تي جنسي هراسمينٽ جو الزام هڻڻ بعد گم ٿي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button