رانديون

سريلنڪا ٻي ٽيسٽ ۾ ويسٽ انڊيز کي هارائي سيريز کٽي ورتي

سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ بھ ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي وري ورتي آهي. ميڊيا مطابق ٻي ٽيسٽ جي آخري ڏينهن تي سريلنڪا 9 وڪيٽن جي نقصان تي 345 رنسون ٺاهي پنهنجي ٻي اننگ ڊڪليئر ڪئي، جنهن ۾ ڌننجيا ڊي سلوا 155 اسڪور تي ناٽ آئوٽ رهيو. جڏهن تھ ويسٽ انڊيز جي سموري ٽيم 297 رنسن جي هدف پويان کيڏندي 132 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، سندس بيٽر جرمين بليڪ ووڊ 36 ۽ نڪروما بونر 44 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. هن اننگ ۾ شائي هوپ 16، ڪيمار روچ 13، ڪريگ براٿويٽ 6، جوشوئا ڊي سلوا 4 رنسون ٺاهي سگهيا. ويسٽ انڊيز مجموعي طور 164 رنسن تان شڪست کاڌي آهي. هوڏانهن سريلنڪا جي رميش مينڊس ٻنهي اننگس ۾ 11 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي سيريز ۽ ڌننجيا ڊي سلوا پليئر آف دي ميچ جا اعزاز ماڻي ورتا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button