رانديون

نيوزيلينڊ 5 اهم وڪيٽون وڃائي ڇڏيون، ڀارت جي فتح جا چٽا امڪان

ڀارت خلاف نيوزيلينڊ جي ٽيم ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٻي اننگ ۾ ڪپتان سميت 5 اهم وڪيٽون وڃائي ڇڏيون آهن، جنهن بعد ٽيسٽ ۾ ڀارت جي فتح جا امڪان چٽا ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق ڀارت ٻي ٽيسٽ ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 267 رنسون ٺاهي پنهنجي اننگ ڊڪليئر ڪري نيوزيلينڊ کي 540 رنسن جي برتري ڏني. جڏهن تھ جبل جيڏي وڏي هدف پويان کيڏندي نيوزيلينڊ جي بيٽنگ لائين ٻي اننگ ۾ پير ڄمائي نھ کيڏي سگهي آهي ۽ ان 140 رنسن جي اسڪور تي 5 وڪيٽون وڃايون آهن، جنهن ۾ کيس برتري ختم ڪرڻ ۾ اڃا 400 رنسن جي ضرورت آهي. ٻي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن واري راند ۾ ڀارتي بيٽرن مان ميانڪ اگروال 62، ڇتيس پجارا ۽ شبمن گل 47، 47 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ ڪپتان ويرات ڪوهلي 36 اسڪور ڪيو ۽ اڪشر پٽيل 41 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. نيوزيلينڊ ٻي اننگ ۾ 140 رنسون ٺاهيون، جن ۾ ڪپتان ٽام ليٿم ۽ روز ٽيلر 6، 6، ول ينگ 20، ڊيري مچل 60 رنسون ٺاهي سگهيا. هينري نڪولس 36 رنس تي کيڏي رهيو آهي. جڏهن تھ ڀارت جي ايشون 3 وڪيٽون ورتيون ۽ اڪشر پٽيل هڪ کي آئوٽ ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button