رانديون

برطانيا ۽ ڪينيڊا بھ بيجنگ اولمپڪس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

آمريڪا بعد برطانيا ۽ ڪينيڊا بھ بيجنگ سرمائي اولمپڪس مقابلن جو سفارتي بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ايندڙ سال فيبروري ۾ رٿيل ايونٽ جو آمريڪا اڳ ئي سفارتي بائيڪاٽ ڪري چڪو آهي. جڏهن تھ هاڻ وري برطانيا ۽ ڪينيڊا پڻ بائيڪاٽ ڪيو آهي. برطانوي وزيراعظم بورس جانسن بيان ۾ چيو آهي تھ ايونٽ ۾ سندن ڪوبھ وزير شريڪ نھ ٿيندو. ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو تھ اولمپڪس ۾ اسان جو ڪو عهديدار شامل نھ ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button