رانديون

آسٽريليا ايشز سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ 343 رنسون ٺاهي ورتيون

انگلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ ايشز سيريز جي پهرين ٽيسٽ جو مقابلو جاري آهي، جنهن ۾ آسٽريليا 343 رنسن سان پوزيشن مضبوط ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق انگلينڊ جي ٽيم پهرين ڏينهن تي 147 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي، جنهن بعد ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين آسٽريليا 7 وڪيٽن جي نقصان تي 343 رنسون ٺاهي 196 رنسن جي برتري ڏيڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ان کان اڳ آسٽريليا جي ڊيوش وارنر 94 ۽ مانس لبوشين 74 رنسن سان 156 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي انگلينڊ کي پريشاني ۾ مبتلا ڪيو. جڏهن تھ ٽريوس هيڊ 112 ۽ مچ اسٽارڪ 10 رنسن سان پچ تي موجود آهن. انگلينڊ جي بالر اولي رابنسن 3 وڪيٽون وٺي نمايان رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button