رانديون

انگلينڊ جي ايشز ٽيسٽ ۾ واپسي، 220 رنسون ٺاهي ورتيون

ايشز سيريز جي پهرين ٽيسٽ جي ٻي اننگ ۾ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم شاندار نموني سان واپسي ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ جوئي روٽ ۽ ڊيوڊ ميلان جي شاندار بيٽنگ سبب 2 وڪيٽون وڃائي 220 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ آسٽريليا جي برتري ختم ڪرڻ ۾ کين اڃا 58 رنسن جي ضرورت آهي. ان کان اڳ آسٽريليا جي ٽيم بهترين راند کيڏندي 425 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ٽريوس هيڊ جون 152 رنسون بھ شامل آهن. هوڏانهن انگلينڊ جي بيٽرن مان اوپنر حسيب حميد 27 ۽ روري برنس 13 رنسون ٺاهي 61 جي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويا، جنهن بعد ڊيوڊ ميلان 80 ۽ جوئي روٽ 86 رنسن جي اننگ کيڏي 156 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي ۽ ٽيم کي راند ۾ شاندار نموني واپس آندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button