رانديون

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جا رانديگر سڀاڻي کان پريڪٽس ڪندا

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي رانديگرن ڪالهه پنهنجي پنهنجي پريڪٽس واري سيشن کي ملتوي ڪري آرام ڪيو آهي، اهي سڀاڻي ميدان تي اچي پريڪٽس ڪندا. ميڊيا مطابق پاڪستان ۾ ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي 20 ميچن واري سيريز کيڏڻ خاطر ڪراچي پهتل مهمان ٽيم آرام ڪندي ڏينهن گذاريو آهي. جڏهن تھ پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي ڪرونا ٽيسٽ نيگيٽو آئي، جن ميچ لا ڀرپور تياري ڪئي آهي. هوڏانهن هوم سيريز ۾ ميدان تي مداح آڻڻ جي اعلان بعد ٽڪيٽون پڻ جاري ڪيون ويون آهن، پر شوقينن انهن جي خريداري ۾ دلچسپي ناهي ڏيکاري ۽ روبرو توڙي آن لائين ٽڪيٽن جي وڪري جي شرح گهٽ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button