رانديون

پاڪستان ۾ آسٽريلوي ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻ جي خاطري

پاڪستان اچي ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ جو فيصلو ڪندڙ آسٽريليا جي ٽيم جي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ خاطر سندن هڪ وفد پاڪستان ۾ پهچي جائزو وٺي رهيو آهي، جنهن کي اها خاطري ڏني وئي آهي تھ آسٽريليا جي ٽيم کي پاڪستان ۾ فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. ميڊيا مطابق پاڪستان ايندڙ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري کان اڳ انهن جي سيڪيورٽي وفد پاڪستان اچي هر رخ ۾ جائزو ورتو آهي. جڏهن تھ آسٽريلوي وفد پنڊي اسٽيڊيم اچي سيڪيورٽي انتظامن جي بھ جاچ ڪئي، جتي کين پي سي بي عملدارن بريفنگ ڏني آهي. هوڏانهن مهمان وفد گهرو وزير شيخ رشيد سان ملاقات ڪري معاملن تي خيال ونڊيا. جڏهن تھ گهرو وزارت ۾ مهمانن کي بريفنگ ڏني وئي، جنهن بعد وفد سيڪيورٽي جي انتظامن تي اطمينان ظاهر ڪيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي گهرو وزير شيخ رشيد احمد جو چوڻ هو تھ پاڪ آسٽريليا مقابلن جو 24 سالن کان انتظار آهي، ڇوتھ هتان جا ماڻهو ڪرڪيٽ سان محبت ڪن ٿا. هن چيو تھ آسٽريلو ٽيم جي پاڪستان اچڻ تي انهن جي شاندار آجيان ڪئي ويندي ۽ فول پروف سيڪيورٽي بھ ڏني ويندي. هن چيو تھ پاڪستان ۾ ٽيم موڪلڻ جي اعلان تي اسين ڪرڪيٽ آسٽريليا جا ٿورائتا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button