رانديون

ڪوهلي کان بورڊ ون ڊي جي ڪپتاني واپس ورتي

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار ويرات ڪوهلي کان ون ڊي جي ڪپتاني واپس وٺڻ واري مامري ۾ انڪشاف ٿيو آهي تھ بي سي سي آئي کائنس ون ڊي جي ڪپتان وارو عهدو واپس ورتو آهي. ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ويرات ڪوهلي کي بورڊ پاڻمرادو ڪپتاني ڇڏڻ جي هدايت ڪئي وئي، سندس استعيفيٰ ڏيڻ جو انتظار بھ ڪيو ويو، پر بورڊ جي هدايت تي ڪوهلي ڪپتاني نھ ڇڏڻ جي فيصلي تي ضد ڪيو، تنهنڪري ان کان ڪپتاني واپس ورتي وئي آهي. هوڏانهن بي سي سي آئي جي صدر ساروف گنگولي جو چوڻ آهي تھ ويرات ڪوهلي کي ٽي 20 جي ڪپتاني نھ ڇڏڻ جو چيو، پر نھ مڃيائين، تنهنڪري اسان ٽي 20 ۽ ون ڊي ٽيمن ۾ ڌار ڌار ڪپتان مقرر ڪرڻ بهتر نھ سمجهيو، جنهن بعد روهت شرما کي مقرر ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button