رانديون

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز اڄ پهريون ٽي 20 ميچ کيڏندا

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ دوري جي پهرين ٽي 20 ميچ اڄ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جنهن جي مد ۾ ٻنهي ٽيمن ڀرپور تياري ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ڪالهه بھ ڀرپور پريڪٽس ڪري پاڻ کي تيار ڪيو آهي. هوڏانهن مهمان ٽيم مان ڪرونا سبب بالر شيلڊن ڪوٽريل، آل رائونڊر روسٽن چيز ۽ بيٽر ڪائلي مائيرز جي نڪرڻ تي ٽيم کي سيريز کان اڳ ئي وڏو ڌڪ رسيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ نيشنل اسٽيڊيم ۾ ميچ سبب سيڪيورٽي کي سخت ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ ويندڙ رستن تي بھ اهڪار الرٽ رهندا. هوڏانهن ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستاني ڪپتان بابراعظم چيو آهي تھ مهمان رانديگرن ۾ ڪرونا جي تصديق بعد اسين سڀ ڏکئي وقت مان گذري رهيا آهيون، تنهنڪري پاڻ کي خاص صورتحال ۾ تيار ڪيون پيا. هن چيو تھ نيوزيلينڊ جي دورو ختم ڪري وڃڻ بعد سمجهيو پئي ويو تھ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ آسان نھ هوندي. هن ٻڌايو تھ ويسٽ انڊيز کي عام هدف نه سمجهنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button