رانديون

آسٽريليا ٻي ٽيسٽ ۾ 221 رنسون ٺاهي ورتيون، انگلش بالر ناڪام

آسٽريليا ٻي ٽيسٽ ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 221 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. جڏهن تھ انگلش بالر ڪينگرو بيٽرز آڏو بيوس نظر آيا. ميڊيا مطابق ايشز سيريز جي ٻي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن ڪينگروز بيٽر انگلش بالرن کي ڪٽڪو ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن. جڏهن تھ اوپنرن مان مارڪس هيريس 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ڊيوڊ وارنر 95 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي آئوٽ ٿي ويو آهي. اهڙي ريت مانس ليبوشين 7 چوڪن جي مدد سان 95 رنسون ٺاهي پچ تي موجود آهي ۽ اسٽيو سمٿ 18 اسڪور تي سندس ساٿ ۾ بيٺل آهي. ڪالهوڪي ڏينهن تي انگلينڊ جي بالرن مان بين اسٽوڪس ۽ اسٽيورٽ براڊ هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي. جڏهن تھ جيمز اينڊرسن، اولي رابنسن، ڪرس ووڪس ۽ جوئي روٽ ڪابھ وڪيٽ نھ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button