رانديون

ڪوهلي مان ناخوش ٿيڻ جو جواز ناهي: سنيل گواسڪر

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ليجنڊ سنيل گواسڪر چيو آهي تھ ويرات ڪوهلي جي ڪپتاني واري صلاحيت مان ڪنهن کي بھ ناخوش ٿيڻ جو جواز ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ ڀارتي ٽيم کي ويرات ڪوهلي جي قيادت ۾ هميشھ ڪاميابيون ئي مليون آهن، هن آئي سي سي ايونٽس ۾ گهڻي ڪاميابي نھ ماڻي پر ٻھ طرفن مقابلن ۾ سدائين ڪاميابي ماڻي آهي. هن چيو تھ منهنجي خيال ۾ ون ڊي ڪپتاني کسجڻ جو سبب ڪوهلي جو بيان ئي هوندو، جيڪو هن سيپٽمبر ۾ ڏنو هو. ويرات جي هن هڪڙي جملي تان معاملو شروع ٿيندو لڳي رهيو آهي، کيس لفظن جي استعمال ۾ ڌيان ڏيڻو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو تھ ويرات جي تڪراري بيان تي ساروف گنگولي کان پڇڻ گهرجي تھ اهڙا بيان ڇو پيان اچن، اهو ئي بهترين شخص آهي ۽ معاملن کي حل ڪري سگهي ٿو.

ويرات ڪوهلي فوٽوگرافرن کي نياڻي جون تصويرون ٺاهڻ کان روڪي ڇڏيو

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽيسٽ ڪپتان ويرات ڪوهلي فوٽو گرافرن کي پنهنجي نياڻي جون تصويرون ٺاهڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ويرات ڪوهلي ڏکڻ آفريقا جي دوري تي ٽيم سان گڏ روانو ٿيو تھ سندس زال انوشڪا شرما ۽ نياڻي واميڪا پڻ هئا، جن جي تصويرن وٺڻ کان هن فوٽوگرافرن کي روڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button