رانديون

بابراعظم ٻيهر ٽي 20 ۾ نمبر ون بيٽر بڻجي ويو

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي 20 ۾ نمبر ون بيٽسمين جي پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي جي نئين پليئرز رينڪنگ ۾ بابر ڊيوڊ ملان کان پوزيشن کسي ورتي آهي، جيڪو هاڻ ٻي پوزيشن تي هليو ويو آهي. جڏهن تھ پاڪستان جي محمد رضوان بهترين ڪارڪردگي سبب ترقي ڪري چوٿين مان ٽين پوزيشن ماڻي ورتي آهي. اهڙي ريت ٽيسٽ رينڪنگ ۾ آسٽريليا جي بيٽر مانس ليبوشين نمبر ون جي پوزيشن تي ديرو ڄمائي ورتو آهي، جيڪا کيس بهترين پرفارمنس سبب ملي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button