رانديون

پنڊي ۾ ٽي 20 ڪپ شروع، جهڪبو نه، اڃا پنڌ گهڻو آهي: رميز راجا

لاهور (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ٽيمن پاران ڪرڪيٽ سيريز ختم ڪرڻ بعد راوالپنڊي جي ميدان تي ٽي 20 ڪرڪيٽ جو ميلو شيروع ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ايونٽ جي شروع ٿيڻ جي موقعي تي پي سي بي چيئرمين رميز راجا مداحن ۽ ڪرڪيٽرن کي همٿ ڏيندي چيو آهي تھ جهڪبو نه، ڇوتھ اڃا پنڌ گهڻو آهي. هن چيو تھ راوالپنڊي جي ميدان ۾ ٽي 20 ڪرڪيٽ واپس اچي وئي آهي، جنهن سان خوشيون بھ واپس اچي ويون آهن. رميز راجا جو چوڻ هو تھ هن ميلي ۾ بهترين نموني سان پرفارم ڪرڻ واري ٽيم ڪاميابي حاصل ڪري اڳتي ايندي. هن چيو تھ سڀ کان وڌيڪ اهم هو آهي تھ اسان جي ڪرڪيٽ شوقينن جي چهرن تي مسڪراهٽ اچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button