رانديون

پي ايس ايل ۾ جلد پنهنجي ٽيم ٺاهنداسين: مراد علي شاهه

سنڌي جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي تھ پي ايس ايل ۾ جلد پنهنجي ٽيم ٺاهينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي تيز بالر شاهنواز ڏاهاڻي سان سي ايم هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو آهي. ميڊيا مطابق سنڌ جي وڏي وزير ان موقعي تي ٻڌايو تھ اسين ٽيم جي مد ۾ اسپانسرن جي ڳولا ڪري رهيا آهيون، اميد آهي تھ ان ۾ اڳڀرائي بھ ٿيندي. هن چيو تھ سانگهڙ جي بهترين اسپنر نعمان ۽ ٻين رانديگرن کي پروموٽ بھ ڪرڻو آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو تھ مان شاهنواز ڏاهاڻي جي بالنگ تي بيٽنگ ڪندس، کيس پنهنجي پرفارمنس کي جاري رکڻو آهي. ان کان اڳ وڏي وزير سي ايم هائوس اچڻ تي شاهنواز ڏاهاڻي کي شيلڊ، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button