رانديون

پي سي بي طرفان پاڪستان سپر ليگ لاءِ ڪرونا ايس او پيز تيار

لاهور: پي سي بي انتظاميا پاڪستان سپر ليگ لاءِ ڪرونا ايس او پيز تيار ڪري ورتي. ذريعن موجب 20 رڪي اسڪواڊ مان ميچ لا 12 فٽ رانديگرن جي ضرورت هوندي ان لا اسڪواڊ ۾ 8 جا ڪووڊ ٽيسٽ مثبت اچڻ تي به ميچ ٿي سگهي ٿو جڏهن ته 9 رانديگرن جي ٽيسٽ مثبت اچڻ تي ميچ نه ٿيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل دوران هوٽل جي سيڪيور ببل ۾ 25 کان 30 اضافي رانديگر رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪڏهن ڪو به رانديگر ڪرونا ۾ مبتلا ٿيندو ته ان کي 10 ڏينهن لاءِ آئيسوليٽ ڪيو ويندو ۽ سيڪيور ببل ۾ ڪرونا مثبت رانديگر جي جاءِ تي متبادل رانديگرن کي ورتو ويندو.

ذريعن موجب ڪراچي ۽ لاهور وچ ۾ 2 ٽيمون هڪ ئي وقت چارٽرڊ فلائيٽ تي سفر ڪنديون. ذريعن موجب هر ٽيم خميس ۽ جمعي تي سپليمنٽري ڊرافٽ ۾ وڌيڪ ٻن رانديگرن جي چونڊ ڪندي. ذريعن موجب ڏکڻ آفريڪي رانديگر به پي ايس ايل جي سموري ٽورنامينٽ لاءِ موجود هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button