رانديون

عثمان خواجا جي سنچري، آسٽريليا 416 رنسن تي اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي

ايشز جي چوٿين ميچ جي ٻئي ڏينهن تي آسٽريليا انگلينڊ خلاف 416 رنسن تي پنهنجي اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي، سندس 8 بيٽر آئوٽ ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق ايشز جي چوٿين ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ بيٽرن جارحاڻي راند کيڏي، اسٽيو سميٿ 67 رنسون ٺاهيون هيون. آسٽريليا جي بيٽرن عثمان خواجا 137 جي اننگ کيڏي آهي ۽ ڊيوڊ وارنر 30، هيريس 38، ليبوشين 28 رنسون ٺاهيون، جنهن بعد ڪپتان پيٽ ڪمنز 8 وڪيٽن جي نقصان تي راند ختم ڪئي. جڏهن تھ انگلينڊ جي بالر اسٽيورٽ براڊ 5 وڪيٽون ورتيون آهن، ان سان گڏ مارڪ ووڊ ۽ جوئي روٽ بھ هڪ هڪ وڪيٽ وٺي ويا آهن. هوڏانهن آسٽريليا جي پهرين اننگ جي موٽ ۾ انگلينڊ جي بيٽرن حسيب حميد ۽ زيڪ ڪرائولي جي ٻن ٻن رنسن سان گڏ 13 اسڪور ٿي ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button