رانديون

بيرئسٽو جي سنچري انگلش بيٽنگ جي عزت بچائي ورتي، 258 تي 7 آئوٽ

انگلينڊ جي جوني بيرئسٽو سنچري هڻي ٽيم جي بيٽنگ جي عزت بچائي ورتي آهي، جڏهن تھ انگلينڊ پهرين اننگ ۾ 7 وڪيٽون وڃائي 258 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق ايشز سيريز جي چوٿين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن واري راند ۾ آسٽريليا کي پهرين اننگ ۾ انگلينڊ مٿان اڃا بھ 158 رنسن جي برتري حاصل آهي. جڏهن تھ انگلينڊ وٽ 3 وڪيٽون باقي آهن. ان کان اڳ انگلينڊ 13 جي اسڪور تي بيٽنگ شروع ڪئي تُھ اوپنر حسيب حميد 6، زيڪ ڪرائولي 18 رنس تي آئوٽ ٿي ويا. جڏهن تھ مارڪ ووڊ 39 ۽ بين اسٽوڪس 66 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. اهڙي ريت ڪپتان جوئي روٽ ۽ جوز بٽلر ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا ۽ ڊيوڊ ملان 3 رنسون ٺاهي سگهيو. هن وقت پچ تي جيڪ ليچ 4 رنسن ۽ جوني بيرئسٽو 103 رنسن سان کيڏي رهيا آهن. ڪالهوڪي راند ۾ آسٽريلوي بالرن مان پيٽ ڪمنز ۽ اسڪاٽ بولينڊ 2،2، مچل اسٽارڪ، ڪيمورن ۽ نيٿن ليان 1،1 وڪيٽ ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button