اسلام آبادپاڪستان

دوائون مهانگيون نه ٿينديون،رهيل زرعي شين تي سيلز ٽيڪس لڳندو:ايف بي آر

اسلام آباد : فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) جي چيئرمين چيو آهي ته دوائن جي اگھن ۾ واڌ نه ٿيندي ۽ دوائن جي شعبي کي ريفنڊ بروقت ملندو. ڪالهه سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايف بي آر چيئرمين اشفاق احمد به شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ايف بي آر چيئرمين ٻڌايو ته ٽيڪس فري سلائي مشين جي درآمد کي مس يوز ڪيو پيو وڃي. ان تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ان کي روڪڻ ايف بي آر جو ڪم آهي. سلائي مشينز تي سيلز ٽيڪس سان عام ماڻهو جي ڏکيائين ۾ واڌ ٿيندي. امير ماڻهو ته بوتيڪ ويندا آهن پر غريب اڃا به پنهنجا ڪپڙا پاڻ سبندو آهي. ايف بي آر چيئرمين اجلاس کي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جو چوڻ هو ته تيزي سان ريفرينڊ ڏيو ۽ غريبن کي ڊائريڪٽ سبسڊي ڏيو. رهجي ويندڙ زرعي شين تي به سيلز ٽيڪس لڳايو ويندو ۽ سيلز ٽيڪس ۾ سڄي فرق کي ايندڙ 5 مهينن ۾ ختم ڪيو ويندو. اشفاق احمد وڌيڪ ٻڌايو ته ايف بي آر 48 ڪلاڪن ۾ ريفنڊ ڏئي رهيو آهي ۽ ان جو ريفنڊ نظام 98 سيڪڙو درستگي تي هلي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button