رانديون

فاسٽ بالر نسيم شاهه انگلش ٽي-ٽوئنٽي بلاسٽ ايونٽ ۾ گلوسٽرشائر جو حصو بڻجندو

لنڊن: پاڪستاني فاسٽ بالر نسيم شاهه انگلش ٽي-ٽوئنٽي بلاسٽ ايونٽ ۾ گلوسٽر شائر ڪائونٽي جو حصو بڻجندو. نوجوان بالر نسيم شاهه چيمپيئن شپ سيزن جي پهرئين هاف ۽ بلاسٽ گروپ اسٽيج ۾ انگلش ڪائونٽي لاءِ موجود هوندو، 18 ورهين جو نسيم هن وقت تائين 9 ٽيسٽ ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.

هن نومبر 2019 ۾ آسٽريليا خلاف ڊيبيو ڪيو هو، هو 2022 ۾ گلوسٽر شائر جي 3 پرڏيهي ڪرڪيٽرن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آهي، جنهن جي ڪائونٽي طرفان تصديق ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button