رانديون

آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پاڪستاني بالر شاهين شاهه آفريدي ۽ حسن علي ٽاپ 10 ۾ شامل

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان جا 2 بالر ٽاپ 10 ۾ شامل آهن. آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ شاهين شاهه آفريدي ۽ حسن علي ٽاپ 10 بالرن ۾ شامل آهن. بالرز جي رينڪنگ ۾ پيٽ ڪمنز پهرين، روي چندرن ايشون ٻئين، ڪائيل جيمسن ٽئين، شاهين شاهه آفريدي چوٿين، ڪاگيسو ربادا پنجين، جيمز اينڊرسن ڇهين، جوش هيزل ووڊ ستين، نيل ويگنر نائين ۽ حسن علي ڏهين نمبر تي آهي.

مارنس لبوشين بيٽرن جي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي آهي. جو روٽ ٻئين، اسٽيون سمٿ ٽئين، ڪين وليسن چوٿين، روهت شرما پنجين، ڊيموٿ ڪرونا ڇهين، ڊيوڊ وارنر ستين، بابر اعظم اٺين، ويرات ڪوهلي نائين ۽ ڊين ايلجر ڏهين نمبر تي آهي. فواد عالم 17 هين، عابد علي 19 هين ۽ اظهر علي 23 هين نمبر تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button