رانديون

ترڪي جو نوجوان فٽبالر احمد چالاڪ ڪار حادثي ۾ فوت ٿي ويو

استنبول: ترڪي جو فٽبالر احمد چالاڪ 27 سالن جي عمر ۾ ڪار حادثي ۾ فوت ٿي ويو. ترڪي جي ويب سائيٽ موجب احمد جي ڪار اڱاري تي انقره جي ويجهو موٽروي تي ڪلٽي ٿي تباهه ٿي وئي هئي. رپورٽن مطابق احمد جي ڪار تيزرفتاري سبب کڏ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، هو ڪار ۾ اڪيلو سوار هو.

رپورٽن مطابق هو پنهنجي شادي جي تيارين کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ٽريننگ بعد گهر وڃي رهيو هو ته ڪار سان حادثو پيش آيو. واضح رهي ته احمد چالڪ 2015ع کان 2017ع تائين 8 ڀيرا ترڪي لاءِ کيڏيو، ان کان علاوه مختلف فٽبال ڪلبن جي نمائندگي پڻ ڪئي. ترڪ فٽبال ايسوسيئيشن هڪ بيان ۾ احمد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي سندس مغفرت جي دعا ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button