رانديون

دانش ڪنيريا جي ڊوميسٽڪ ۽ ليگ ڪرڪيٽ ۾ ڪوچنگ لاءِ درخواست رد

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر دانش ڪنيريا جي ڊوميسٽڪ ۽ ليگ ڪرڪيٽ ۾ ڪوچنگ لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ دانش ڪنيريا جي درخواست تي شنوائي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته دانش ڪنيريا کي پي سي بي بحالي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي. جڏهن ته پي سي بي جي وڪيل چيو ته دانش ڪنيريا تي انگلش ڪائونٽي ڪلب پابندي لڳائي آهي، دانش ڪنيريا تي تاحيات پابندي لڳائي وئي آهي. پي سي بي جي وڪيل چيو ته انگلينڊ جي عدالت دانش ڪنيريا جي اپيل به رد ڪري ڇڏي هئي، اڳوڻي ڪرڪيٽر تي اسپاٽ فڪسنگ جو الزام آهي.

دانش ڪنيريا جي وڪيل چيو ته ڪرڪيٽر اسپاٽ فڪسنگ نه ڪئي، رڳو ميٽنگ ڪئي هئي، جنهن کي هن قبول ڪيو آهي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته فڪسرز کي کيڏڻ جي اجازت ڏني وئي آهي تنهن ڪري دانش ڪنيريا کي به ڊوميسٽڪ ميچن ۾ ڪوچنگ جي اجازت ڏني وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڊوميسٽڪ ۽ ليگ ڪرڪيٽ ۾ ڪوچنگ جي اجازت لاءِ دانش ڪنيريا جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button