رانديون

جڏهن به صلاح ڪرڻي هوندي آهي ته سرفراز وٽ ويندو آهيان: بابراعظم

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو آهي ته هو جڏهن به ڦاسجي پوندو آهي ته اڳوڻي ڪپتان سرفراز سان صلاح ڪندو آهي. بابر اعظم قذافي اسٽيڊيم ۾ پي سي بي پاران منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي سرفراز احمد بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. تقريب دوران ميزبان زينب عباس بابراعظم کان پڇيو ته هن ڪپتاني دوران ٽيم جي رانديگرن کي ڪهڙي صلاح ڏني هئي، مان به رانديگرن کان مدد وٺندو آهيان، جيڪڏهن شعيب ملڪ ميچ ۾ موجود هوندو آهي ته مان ان وٽ ويندو آهيان.

بابراعظم وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪا وڌيڪ اهم صلاح هوندي آهي ته تڏهن به مان سرفراز وٽ ويندو آهيان ڇاڪاڻ ته کيس ڪپتان جي حيثيت سان ڪافي تجربو آهي ۽ سرفراز ڪافي عرصي تائين ٽيم جي اڳواڻي ڪئي آهي، ان ڪري هن وٽ سٺا خيال آهن، اهو ئي سبب آهي ته مان جڏهن به ڪنهن هنڌ ڦاسي پوندو آهيان ته مان سرفراز احمد وٽ ويندو آهيان ۽ ان کانپوءِ مون کي ڪافي مدد ملي ويندي آهي.

ان موقعي تي بابراعظم ڀارت خلاف ميچ ۾ ٽيم جي محنت کي ساراهيندي چيو ته ڀارت خلاف ميچ کٽڻ مون سميت پوري ٽيم لاءِ يادگار لمحو هو ڇو ته ان ڏينهن اسان بنا ڪنهن خوف جي راند کيڏي ۽ ڪنهن به قسم جو دٻاءُ نه هو. بابراعظم چيو ته ڪپتان جي حيثيت ۾ هن صبر سکيو آهي ۽ ڏٺو آهي ته انسان تيستائين سٺا فيصلا ڪري سگهي ٿو، جيستائين هو پرسڪون رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button