رانديون

جيمس اينڊرسن بالنگ جو فن محمد آصف کان سکڻ جو اعتراف ڪري ورتو

لنڊن: عالمي ڪرڪيٽ جي بهترين بالرن مان هڪ انگلينڊ جي جيمس اينڊرسن اعتراف ڪيو آهي ته هن بالنگ جو فن پاڪستاني بالر محمد آصف کان سکيو آهي. جيمز اينڊرسن اڄڪلهه ايشز سيريز لاءِ آسٽريليا ۾ آهي، جتي هن 3 ميچن ۾ 8 وڪيٽون ورتيون آهن. انگلش بالر جيمز اينڊرسن جيڪو پنهنجي سوئنگ بالنگ جي ڪري مشهور آهي، آسٽريلوي ٽي وي کي پنهنجي مهارت بابت ٻڌايو ته هن 2010ع جي سيريز ۾ محمد آصف جي بالنگ ڏسڻ کانپوءِ پنهنجو انداز اختيار ڪيو.

جيمز اينڊرسن چيو ته 2010ع جي ايشز کان اڳ مون کي بالنگ ڪوچ ٻڌايو هو ته ڪابورا بال گهڻو سوئنگ نه ڪندو آهي، تنهن ڪري ڪجهه سکو، تنهن ڪري مون آصف جي بالنگ کي ڏسڻ کانپوءِ ان ئي انداز ۾ مشق ڪئي، جنهن مون کي ميچن ۾ تمام گهڻي مدد ڏني. واضح رهي ته جيمز اينڊرسن هن وقت ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين 640 وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالر به آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button