اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ ڪرونا ڪيسن ۾ ڳڻتي جوڳي واڌ، 4340 نوان ڪيس

اسلام آباد: نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وائرس سبب 4 هزار 340 ڄڻا متاثڙ ٿيا ۽ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جون 49 هزار 809 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن جي نتيجي ۾ ڪرونا ڪيسن جي مثبت شرح 8 ڏهائي 71 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.اوميڪرون جي پکيڙ سبب ملڪ جي صنعتي ۽ واپاري حب ڪراچي ۾ صورتحال سٺي ناهي جتي نه رڳو عام شهري پر طبي ورڪرز به شديد متاثر ٿي رهيا آهن. ٻڌايو پيو وڃِي ته هاڻوڪي لهر دوران 500 کان وڌيڪ ڊاڪٽر ۽ پيراميڊڪس بيماري جو نشانو بڻيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button