رانديون

ڏاهاڻي ۽ عمران طاهر ملندي ئي سنڌي ۾ ڳالهائڻ لڳا

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي لاڙڪاڻي واسي تيز بالر شاهنواز ڏاهاڻي ۽ ڏکڻ آفريقي اسپنر عمران طاهر ملندي ئي سنڌي ۾ ڳالهائڻ لڳا ۽ انهن هڪٻئي سان سنڌي ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ميڊيا مطابق پي ايس ايل جي فرنچائيز ملتان سلطانز پنهنجي پيج تي هڪ وڊيو شيئرڪئي آهي، جنهن ۾ شاهنواز ڏاهاڻي ۽ عمران طاهر ۾ ملاقات ٿيندي اهي هڪٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري سنڌي ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ان حوالي سان شاهنواز ڏاهاڻي کان پڇيو ويو تھ هن ٻڌايو تھ عمران طاهر بنيادي طور سنڌ واسي آهي. هن چيو تھ عمران طاهر کيس ٻڌايو هو تھ هو سکر جو رهواسي آهي، اتان سندس خاندان لاهور لڏيم ويو، جتان هو ڏکڻ آگريقا منتقل ٿين ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button