
ويمن ايشز جي اڪيلي ٽيسٽ ۾ هيٿر نائيٽ جي سنچري باوجود انگلينڊ ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي آهي، سندس ٽيم 235 رنسون ٺاهيون آهن ۽ 8 بيٽر آئوٽ ٿي چڪا آهن. ميڊيا مطابق ويمن ايشز جي ٻئي ڏينهن واري راند ۾ آسٽريليا 337 رنسن تي اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ آسٽريليا اسڪور ۾ رڳو 10 رنسن جي واڌ ڪري سگهي ۽ سندس 9 بيٽر آئوٽ ٿي پويلين واپس هليا ويا، جنهن بعد ڪپتان اننگ ڊڪليئر ڪئي. 337 رنسن جي جواب ۾ انگلينڊ راند شروع ڪئي تھ سندس ڪابھ بيٽر وڪيٽ تي ڄمي کيڏي نھ سگهي ۽ اهي هڪٻئي پويان آئوٽ ٿينديون ويون. ڪپتان هيٿر نائيٽ 127 ۽ صوفي ايڪليسٽن 27 رنسن سان موجود آهن، پر ٽيم تي 102 رنسن جي برتري برقرار آهي. جڏهن تھ نيٽ سيور، صوفيا ڊنڪلي 15،15 ۽ ايمي جونز 13 رنسون ٺاهيون، اهڙي ريت لورين ونفليڊ هل، ٽيمسن بيمونٽ، انايا شربسول، ڪيٿرين برنٽ، چارلي ڊين ٻوٽو نھ ٻاريو ۽ آئوٽ ٿي ويون. انگلينڊ جي بالرن مان ڪيٿرين 5 ۽ نيٽ سيور 3 وڪيٽون ورتيون آهن.