اسلام آبادپاڪستان

اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل جي منظوري ۾ پ پ اڻ سڌو ساٿ ڏنو:فواد چوڌري

اسلام آباد : سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل جي منظوري دوران ساٿ ڏيڻ تي يوسف رضا گيلاني ۽ پيپلز پارٽي جا ٿورائتا آهيون. اميد آهي ته هن وڏي شڪست کانپوءِ اپوزيشن جا ڪجهه ڏينهن آرام سان گذرندا. سينيٽ ۾ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل منظور ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته حڪومت ثابت ڪيو آهي ته سموريون پارٽيون ملي ڪري به عمران خان جي اڳيان ڍير آهن. الله جي مدد شامل هجي ته انشاءَالله ڪاميابي جو سفر بيهندو ناهي. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته عدم اعتماد جو خواب ڏسندڙ هن ايوان ۾ به ناڪام ٿي ويا، جتي هنن جي نام نهاد اڪثريت آهي. الحمدالله هڪ ٻئي ڏينهن تي هڪ ٻئي ڪاميابي ملي. هوڏانهن لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته سياسي طور تي اڄ اپوزيشن کي شڪست ملي جنهن ۾ اسان جي بهتري آهي. اڄ اپوزيشن جي شڪست ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو هو جيڪي خواب ڏسي رهيا هئا ته اسان قومي اسيمبلي ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ آڻينداسين، اهو خواب هنن جو هن ايوان ۾ به پورو نه ٿيو. سينيٽ ۾ اپوزيشن جي اڪثريت هجڻ جي باوجود هو اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل روڪي نه سگهيا ته قومي اسيمبلي ۾ ڇا ڪندا. اڄوڪي شڪست کان پوءِ اپوزيشن سياسي طور تي ناڪاره ٿي وئي. هي چورن جو ٽولو آهي، هي ناڪام اپوزيشن جيڪا ڪجهه به نٿي ڪري سگهي. هن مسلم ليگ(ن) جي ميمبرن جو به ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته مان انهن جو به ٿورائتو آهيان جيڪي نوازشريف کي پارٽي مان هٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button