پاڪستان جي ڊُوميسٽڪ ڪرڪيٽر ذيشان ملڪ تي ڪرپشن جي الزام لڳل پابندي ختم ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ناردرن جي ٽيم سان تعلق رکندڙ ذيشان ملڪ خلاف پي سي بي ٽن مهينن جي پابندي لڳائي هئي، جيڪا گذريل 13 جنوري تي ختم ٿي وئي آهي، جنهن بعد پي سي بي ان جي نوٽيس کي آف لوڊ ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي تحت معطل ذيشان ملڪ مداحن، پي سي بي ۽ ساٿي ڪرڪيٽرن کان هڪ ڀيرو ٻيهر معافي بھ ورتي آهي. هن جو چوڻ هو تھ فڪسنگ جي آڇ مان فائدو نھ ورتو، پر ان بابت آگاهي ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيو هئس، جنهن تي معافي گهران ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close