اسلام آباد : بين الصوبائي رابطا جي وفاقي وزير ڊاڪتر فهميدا مرزا ۽ نارملائيزيشن ڪميٽي جي چيئرمين هارون ملڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ فٽبال راند تي لڳل پابندي ختم ٿي رهي آهي. فٽبال هائوس جو قبضو ٻن هفتن اندر نارملائيزيشن ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ هڪ هفتي اندر فيفا کي پاڪستان تي لاڳو پابندي ختم ڪرڻ جي سفارش ڪنداسين. ڪلبن جي رجسٽريشن ۽ اسڪروٽني کان پوءِ 163 ڏينهن اندر صاف ۽ شفاف اليڪشن ٿيندي. فيفا نارملائيزيشن ڪميٽي جي چيئرمين عرفان ملڪ ۽ ڊي جي پي ايس بي ڪرنل رٽائرڊ آصف زمان سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فهيمدا مرزا چيو ته خوشي آهي ته اسپورٽس جون سٺيون خبرون ملنديون، فٽبال فينز ۽ رانديگرن کي انتظار هو. اسان نارملائيزيشن ڪميٽي سان گڏجاڻيون ڪيون ۽ وزيراعظم سان به ان بابت ڳالهه ڪئي. اسان جي اسپورٽس گهڻو پٺتي هلي وئي آهي. اسان چاهيون ٿا ته دنيا وانگر پاڪستان ۾ به فٽبال جي راند ترقي ڪري. ڪميٽي ميمبر جا لک ٿورا اسان پنهنجي خدشن کان ڪميٽي کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو. وفاقي وزير چيو ته سمورين اسپورٽس فيڊريشن کي فنانشل پروگرام ٺاهڻو پوندو. ڪارپوريٽ سيڪٽر کي سمورين راندين جون تنظيمون اڳيان آڻين. هر فيڊريشن پنهنجو ڪلب رجسٽرڊ ڪري، اسان ان تي نظر رکنداسين. هر ڪلب رانديگر جو ڊيٽا ۽ فراهم ڪندو. هن چيو ته هن فيصلي سان فٽبال جي رانديگرن ۽ ڪوچز جو مسئلو حل ٿيندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close