اسلام آبادپاڪستان

موثر ۽ فعال بلدياتي نظام ملڪي ترقي جو ضامن آهي:عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موثر ۽ فعال مڪاني نظام ملڪي ترقي جو ضامن هوندو آهي. فعال بلدياتي نظام جي ذريعي عوام جا ڪيترائي مسئلا سندن گهر ويٺي حل ڪري سگهجن ٿا. خميس تي پنجاب ۾ ايندڙ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مڪاني نطام جو مقصد اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ آهي. هن زور ڏنو ته هن نظام کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته معاشري جا سمورا طبقا خاص ڪري عورتن، نوجوانن، هارين ۽ واپارين کي هڪجهڙي نمائندگي ڏني وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، شفقت محمود، خسرو بختيار، اسد عمر، فواد چوڌري، حماد اظهر ۽ ڊاڪٽر شهباز گل شرڪت ڪئي. وڏي وزير عثمان بزدار ۽ صوبائي وزير هاشم جوان خان، محمد بشارت راجا ۽ ميان محمود رشي وڊيو لنڪ تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button