اسلام آبادپاڪستان

چيف جسٽس سميت ججز ۽ آفيسرن لاءِ پلاٽ غيرآئيني،رياست جي زمين اشرافيا لا ناهي:ها ڪورٽ

اسلام آباد؛اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيف جسٽس پاڪستان سميت ججز، بيوروڪريٽس ۽ آفيسرن لاءِ خاص سيڪٽرز ۾ پلاٽن جي اسڪيم غيرآئيني قرار ڏئي ڇڏي. عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته رياست جي زمين اشرافيا لا ناهي، صرف عوامي مفادن لا ئي آهي. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني ججز ۽ سرڪاري آفيسرن کي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي خاص سيڪٽرز ۾ پلاٽس ڏيڻ جي اسڪيم بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. عدالت اسلام آباد جي سيڪٽر ايف 12، جي 12، ايف 14 ۽ 15 جي اسڪيم ئي غيرآئيني، غيرقانوني ۽ عوامي ڀلائي خلاف قرار ڏئي ڇڏي. فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته 17 آگسٽ 2021 تي ايف 14، 15 جي قرعه اندازي ۾ شفافيت نه هئي. هڪ لک 35 هزار کان وڌيڪ ملازمن مان هڪ لک 26 هزار کي نظرانداز ڪيو ويو. عدالتي فيصلي ۾ اهو به لکيو ويو آهي ته لڳي ٿو ته وزيراعظم ۽ ڪابينا کي ان جي اثرن کان اونداهي ۾ رکيو ويو. ڪابينا سامهون پيش رڪارڊ ۾ نه ٻڌايو ويو ته الاٽمينٽس لاءِ سليڪشن جو طريقو ڪهڙو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ چيو ته اهم ترين پهلو اهو آهي ته وفاقي ڪابينا مفادن جي ٽڪراءَ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. ايليٽ جو ناڻي ۽ عوام کي نقصان پهچائي امير ٿيڻ آئيني معاشري ۾ تصور جوڳو ناهي. فيصلي موجب پلاٽن جي الاٽمينٽ جي طريقيڪار ۾ شفافيت ثابت ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ڏيکاريو ويو. نظرثاني ٿيل پاليسي ۾ وڪيلن ۽ صحافين کي ڪڍڻ به غور جوڳو پهلو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ يا ماتحت عدليا پلاٽس پاليسي ۾ شموليت جي درخواست نه ڏني. ڪا وضاحت نه ڏني وئي ته بنا درخواست جي پاليسي ۾ ڇو شامل ڪيو ويو. جج، بيورو ڪريٽس، پبلڪ آفيس هولڊرز عام مفاد جي خلاف ذاتي فائدي جي پاليسي نٿا ٺاهي سگهن. جج ۽ بيورو ڪريٽس اصل اسٽيڪ هولڊرز يعني عوام جي خدمت لاءِ آهن. فيڊرل گورنمينٽ امپلائيز هائوسنگ اٿارٽي آئين جي خلاف ڪائي اسڪيم نٿي ٺاهي سگهي. عدالت سيڪريٽري هائوسنگ کي ٻن هفتن ۾ فيصلو ڪابينا آڏو رکڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته اميد آهي ته ڪابينا ۽ وزيراعظم چئني سيڪٽرز بابت عام مفاد تحت پاليسي ٺاهيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button