اسلام آبادپاڪستانخيبرپختونخوا

چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي گنڊاپور کي ضلعي بدر ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن ڊيرا اسماعيل خان ۾ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور کي ضلعي بدر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن طرفان چيف سيڪريٽري خيبرپختونخوا کي حڪمن تي عمل درآمد جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته علي امين گنڊاپور پنهنجي ڀاءُ لاءِ سٽي ميئر جي اليڪشن جي مهم هلائي رهيو هو، کيس ضلعي بدر ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن پيپلز پارٽي جي صوبائي اسيمبلي ميمبر احمد ڪريم ڪنڊي جي گرفتاري جو نوٽيس به جاري ڪيو آهي ۽ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر محمد يعقوب شيخ تي 10 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button