آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم 24 سالن بعد مارچ ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي، جنهن جي حتمي منظوري ڪرڪيٽ آسٽريليا ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد دوري جو نئون شيڊول پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ آسٽريليا پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم کي مارچ ۾ پاڪستان موڪلي سيريز کيڏڻ جي منظوري ڏئي سمورا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن. پي سي بي ڪرڪيٽ آسٽريليا سان مشوري بعد دوري جو نئون شيڊول جاري ڪيو، جنهن تحت پهرين ٽيسٽ ڪراچي بدران لاهور ۾ کيڏي ويندي. نئين شيڊول مطابق هاڻ پهرين ٽيسٽ 3 مارچ بدران 4 مارچ تي راوالپنڊي ۾ کيڏي ويندي، جيڪا 8 مارچ تائين جاري رهندي. اهڙي ريت ٻي ٽيسٽ 12 کان 16 مارچ ڪراچي ۽ ٽين ٽيسٽ 21 کان 25 مارچ تائين لاهور ۾ ٿيندي. جڏهن تھ راوالپنڊي ۾ ون ڊي جا ميچ 29، 31 مارچ ۽ 2 اپريل تي کيڏيا ويندا، دوري ۾ رٿيل اڪيلي ٽي 20 ميچ بھ پنڊي ۾ 5 اپريل تي کيڏڻ جو شيڊول تيار ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close