رانديون

پي سي بي رانديگرن لا ڪنٽرولڊ سليڪشن پاليسي تيار ڪري ڇڏي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن جي لا ڪنٽرولڊ سليڪشن پاليسي تيار ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي عمل پڻ ڪرائڻ شروع ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي پاران خاموشي سان متعارف ڪرايل پاليسي هيٺ رانديگرن جا ٽرائلز محدود ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن تحت سليڪشن جي لا خواهشمند رانديگرن مان ٽرائلز لا سون جي تعداد بدران رڳو 60 ڄڻا گهرايا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي تھ پهرين مرحلي ۾ جونيئر سطح تي عمل شروع، اوپن ٽرائلز لا صوبن مان 60، 60 ڇوڪرا طلب ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ ذريعن جي حوالي سان اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي تھ انڊر 19 جي لا ٽرائلز ڇنڇر ۽ آچر تي سڄي ملڪ ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button