رانديون

آسٽريليا پهرين ٽي 20 ميچ ۾ سريلنڪا کي 20 رنسن تان هارائي ڇڏيو

آسٽريليا آسٽريليا پهرين ٽي 20 ميچ ۾ سريلنڪا کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏيي آهي، جوش هيزل ووڊ 4 ۽ ايڊم زمپا 3 بيٽرن جو شڪار ڪيو آهي. ميڊيا مطابق سڊني ۾ پنجن ميچن واري ٽي 20 سيريز جي پهرين ميچ ۾ سريلنڪا کي 20 رنسن تان شڪست ملي آهي. ان کان اڳ آسٽريليا پهرين کيڏندي 9 وڪيٽن جي نقصان تي 149 رنسون ڪيون، جنهن ۾ بين مڪ ڊرموٽ 53 ۽ اسٽوئنس 30 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ ڪپتان ايرون فنچ 8 اسڪور ڪري سگهيو. جڏهن تھ سريلنڪا جا بيٽر 150 رنسن جي هدف پويان کيڏندي 8 وڪيٽن جي نقصان تي 122 رنسون ٺاهي سگهيا. برسات سبب ميچ کي 19 اوورن تائين محدود ڪيو ويو، تنهنڪري هدف کي پڻ گهٽائي 143 رنسون ڪيو ويو هو. آسٽريليا جي ايڊم زمپا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button