رانديون

ڪرڪيٽر جي زال ٿيڻ گهڻو ڀلو ناهي: ايرن هالينڊ

پاڪستان سپر ليگ سيزن 7 ۾ پشاور زلمي جي نمائندگي ڪندڙ آسٽريلوي ڪرڪيٽر بين ڪٽنگ جي زال پريزنٽر ايرن هالينڊ شڪايتي انداز ۾ چيو آهي تھ ڪرڪيٽر جي زال ٿيڻ ايڏو ڀلو ناهي، جيترو محسوس ٿيندو آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ بين ڪٽنگ شادي جي ٻن ڏينهن بعد ساڍن 4 مهينن تائين هليو ويو هو، الائي ڇو، ماڻهن کي لڳندو آهي تھ رانديگر جي زال ٿيڻ تمام گهڻو سٺو آهي. هن جو چوڻ هو تھ بين ڪٽنگ پاڪستان هليو آيو، پابندين سبب مون کي سڊني ۾ رهڻو هو، هن وقت بھ اسين ٻئي پاڪستان ۾ آهيون، پر اسان جو شعبو ڌار ڌار آهي ۽ اسين ڌار ڌار ببل ۾ آهيون. هن چيو تھ بايوسيڪيور ببل آسان ناهي، ڇوتھ بين ڪٽنگ جي ويجهو وڃي نٿي سگهان، تنهنڪري تڪليف ۾ رهڻو پوي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button