رانديون

يو اي اي ٽي 20 ميچ ۾ آئرلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

گڏيل عرب امارتن ۾ جاري ٽي 20 ٽورنامينٽ جي چوٿين ميچ ۾ آئرلينڊ جي ٽيم 13 رنسن تان يو اي اي جي ٽيم هٿان شڪست کائي وئي آهي. ميڊيا مطابق يو اي اي جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسوڻ ٺاهي آئرلينڊ کي هدف ڏنو. جڏهن تھ روحان مصطفيٰ 54 ۽ ارتيا ارونڊ 50 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي پاڻ ملهايو آهي. آئرلينڊ جي ٽيم 179 رنسن جي هدف پويان کيڏندي 7 وڪيٽون وڃائي 165 رنسون ٺاهي سگهي، سندس بيٽرن مان اينڊريو بالبريني 42، گاريٿ ڊيليني ۽ ڪرٽس ڪمفر 40،40 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن تھ بالرن مان ڪريگ ينگ 4 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button