رانديون

آسٽريليا خلاف سيريز بابت ٽيم جي سڀاڻي کان ٽريننگ شروع

آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم سان شيڊولڊ سيريز جون تياريون هاڻ کان ئي شروع ٿي ويون آهن، جنهن جي ڏس ۾ سڀاڻي کان قومي ٽيم جي ٽريننگ شروع ٿي رهي آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي دنيا جي بهترين ٽيم جي دوري جي ڏس ۾ تيارين جي شروعات ڪئي آهي. جڏهن تھ آسٽريليا جي 24 سالن بعد ٿيندڙ دوري کان اڳ رانديگر ڪراچي ۾ ٽريننگ ڪندا. جڏهن تھ مهمان رانديگر 27 فيبروري تي ڪراچي پهچندا، جن جي هڪ ڏينهن جي آرام بعد پريڪٽس ٿيندي. هوڏانهن پاڪستان جي ڪرڪيٽر اظهر علي چيو آهي تھ آسٽريلوي ٽيم سان پاڪستان جي سيريز تمام گهڻي دلچسپ ثابت ٿيندي. هن چيو تھ اسٽيو وا منهنجو پسنديدا رانديگر رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button