رانديون

پرڏيهي ڪرڪيٽر ايڇ بي ايل پي ايس ايل-7 جي سخت بائيو بلبل کان بيزار

ڪراچي: پرڏيهي ڪرڪيٽر ايڇ بي ايل پي ايس ايل-7 جي سخت بائيو بلبل کان بيزار ٿي ويا آهن. پي سي بي کي 19 ڪيسن سبب ليگ جي پنجين ۽ ڇهين ايڊيشن کي وچ ۾ ملتوي ڪرڻو پيو، پوءِ ٻئي ايونٽ وقفي کانپوءِ مڪمل ڪيا ويا، هن ڀيري ڪنهن به اڻوڻندڙ ​​صورتحال کان بچڻ لاءِ سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

ڪراچي ۾ سموري هوٽل بڪ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لاهور ۾ هوٽل جو الڳ ونگ پي ايس ايل لاءِ مختص ڪيو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي ته ايونٽ تمام سٺو ٿي رهيو آهي، رانديگر اسٽيڊيم ۽ هوٽلن تائين محدود آهن. ٻئي طرف ڪجهه پاڪستاني ڪرڪيٽر به ان ڳالهه تي ناخوش آهن ته کين هوٽلن ۽ اسٽيڊيم ۾ رهڻ ۽ پنهنجي خاندان کي گڏ رکڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button